پير ڳڻيي جو ميلو

پير ڳڻيي جو ميلو: هيءُ دادو تعلقي جو هڪ اهم ميلو آهي ، جيڪو پير ڳڻيي ڳوٺ ۾ لڳندو آهي . پير ڳڻيي جو مقبرو مخدوم بلاول جي مقبري جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي . هر سال هن بزرگ تي ٽن ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي . هي بزرگ بلاولي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻن مان هڪ هو ۽ مخدوم بلاول جي ساٿين: سيد حيدر ثنائي ، مخدوم ساند بلاولي ۽ ٻين اڳواڻن وانگر اهم اڳواڻ هو . ٽلٽيءَ جي جنگ دوران پير ڳڻيي جيڪي جوڌا موڪليا هئا ، سي ان جنگ ۾ شهيد ٿيا . اهي سڀ هت دفن ٿيل آهن . انهن جوڌن کي ارغونن جي فوج ڳجهي اطلاع ملڻ تي پير ڳڻيي ڳوٺ ۾ اچي شهيد ڪيو هو . پير ڳڻيي جو ميلو سياري جي مند ۾ لڳندو آهي .


لفظ پير ڳڻيي جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو